خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ هنڱورجا ڀرسان قتل ڪيل نوجوان جي ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار کي  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور عدالت ۾ هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ جمن سهتو ۾ چوريءَ جو ڪيس جوابدارن مٿان داخل ڪرائڻ تان ناراض ٿي 18سيپٽمبر 2014 ع تي جوابدار عاشق حسين سهتو پنهنجي ساٿين سان ملي پسٽل سان فائرنگ ڪري نوجوان راجا سهتو کي قتل ڪيو هو، جنهن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار عاشق حسين سهتو جي ضمانت رد ڪندي کيس عمر قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.