خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ رانا لياقت ڪاليج آف نرسنگ طرفان چار ڏينهن وارو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. ٽورنامينٽ ۾ رانا ڊائمنڊ، رانا ٽائيگر، رانا سولجرس ۽ رانا رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ٽيمن حصو ورتو. آخري ڏينهن تي رانا ٽائيگرس ۽ رانا رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ فائنل ٿيو. رانا ٽائيگرس ڪرڪيٽ ٽيم 10 اوورن ۾ 105 اسڪور ٺاهيو جنهن جي جواب ۾ رانا رائيزنگ اسٽار ڪرڪيٽ ٽيم 9 اوورن ۾ 107 اسڪور ٺاهي فائنل ميچ کٽي ورتو. فائنل ميچ جا خاص مهمان اڳوڻو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حسين ابڙو، ٽورنامينٽ آرگنائيزر ميڊم ذاڪره کوسو ۽ عبدالرزاق کوسو هئا. خاص مهمانن طرفان ونر ۽ رنراپ ٽيمن وچ ۾ ٽرافي، ميڊل ۽ ٻيا انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ رانديون انتهائي ضروري آهن. جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن اتان جون اسپتالون ويران هونديون آهن.