خيرپور (رپورٽر) پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ الاهي بخش اڄڻ جي بيواهه سکڻ اڄڻ، مسمات ليلان اڄڻ، ٻارڙن لعل بخش، فضا بتول اڄڻ پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بااثر رانجهن علي اڄڻ، نماڻو، اعتبار علي، لونگ خان، اختيار، مختيار اڄڻ اسان جي گهر تي قبضو ڪيو آهي، اهڙي شڪايت کڻي اسان حد جي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو.گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.