خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳاڙهي پل جي رهواسين گذريل چار ڏينهن کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف  واپڊا سيپڪو انتظاميا خلاف خاڪي شاهه پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين غلام علي، ساجن، شهمير، غلام علي، اعجاز گهمرو، الطاف گهمرو، ساجن شيخ، شهمير شيخ، جنيد شيخ ۽ ٻڌايو ته گذريل چئن ڏينهن کان اسان جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي. ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته مسئلو حل نه ٿيو ته سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.