خيرپور (رپورٽر) زرعي ترقياتي بينڪ جو اڳوڻو مئنيجر ۽ عباسي ڪلهوڙا فورم خيرپور جو نائب صدر امان الله عباسي سکر جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن سميت واپارين، صحافين، مٽن مائٽن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بعد ۾ مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.