خيرپور عدالت پاران درخواست رد، جوابدار پوليس کي چڪمو ڏئي فرار

0
128
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

خيرپور(ن پ ا) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ نينگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بهد جوابدار پوليس کي چڪمو ڏئي عدالت مان فرار ٿي ويو.

ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو شاهه ۾ 14 سالا نينگر محمد عباس سومرو سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار ثمر حسين عرف ثمر عباس ولد نظر حسين هاليپوٽو گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست ڏني هئي.

عدالت پاران ضمانت رد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ بعد جوابدار پوليس کي چڪمو ڏئي عدالت مان فرار ٿي ويو.

متاثر نينگر محمد عباس سومرو جي ڀاءُ نظير احمد سومرو طرفان ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو  هو.