خيرپور (رپورٽر) ڊي آءِ جي سکر سيد پير محمد شاهه خيرپور جي مختلف ٿاڻن جي 5 ايس ايچ اوز کي ناقص ڪارڪردگي سبب معطل ڪري کين پوليس هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، معطل ڪيلن ۾ ايس ايچ اوز ۾ بي سيڪشن مسلم شيخ، ايس ايچ او شاهه حسين قادر شر، ايس ايچ او ٻٻرلوءِ غلام عباس سندراڻي، ايس ايچ او پريالوءِ صادق عباسي ۽ اي ايس آءِ روشن منگي شامل آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ معطل ڪيل آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اُهي روزانو جي بنياد تي رول ڪال ۾ شرڪت ڪندا ۽ لاڳاپيل اختيارين جي اجازت کانسواءِ هيڊ ڪوارٽر مان ٻاهر نه نڪرن.