خيرپور (رپورٽر) بوزدار وڏا شهر ۾ درگاهه سيد حسين شاهه جي گادي نشين سيد اعجاز شاهه پنهنجي پٽن سان سيد حسين شاهه ۽ سيد نثار احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وڏي پٽ جي حيثيت سان مان پنهنجي والد سيد حسين شاهه جي درگاهه جو گادي نشين آهيان پر منهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ سندس پٽن درگاهه جي سموري ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ اسان کي درگاهه تي به اچڻ نه پيا ڏين، اهڙي عمل خلاف چڱن مڙسن وٽ به دانهيو آهي، هن چيو ته ديهه ڏانوِرا ۾ اسان جي وڏن جي زمين تي به ننڍي ڀاءُ ۽ سندس پٽن زبردستي قبضو ڪري ورتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حق گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي اسان کي پنهنجو حق ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.