خيرپور: خاڪي شاھ ڀرسان زال مڙس ۽ سندن نينگر پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

0
238
خيرپور: خاڪي شاھ ڀرسان

خيرپور (ن پ ا) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خاڪي شاهه پل ڀرسان ڪرائي جي جڳهه ۾ رهندڙ زال مڙس ۽ سندن معصوم نينگر پراسرار نموني لاپتا، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، بي سيڪشن ۽ احمدپور ٿاڻي تي ڌار ڌار اين سي داخل ڪئي وئي آھي

ان سلسلي ۾ گم ٿيلن جي وارثن جو چوڻ آھي تھ اقرار علي پٽ اعجاز ڦلپوٽو، سندس گهر واري ثانيه ۽ سندن معصوم ٻارڙو اويس 4 مهينن کان ڪرائي جي جڳھ ۾ رهندا هئا

ھنن چيو تھ 12 ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا آهن سندن موبائيل فون بند آهن شڪ آهي ته مخالفن کين اغوا ڪيو آهي، بي سيڪشن ۽ احمدپور ٿاڻي تي ڌار ڌار اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس بازيابي لاءِ جوڳا قدم ناهن کنيا

وارثن چيو تھ عثمان ڪانڌڙو، علي گل ڪانڌڙو، صاحب ڏنو ڪانڌڙو، رياض حسين ڪانڌڙو سان تڪرار هلندڙ آهي ڌمڪيون ڏيندا هئا خدشو آهي ته انهن کين اغوا ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ۽ خيرپور جي ڪچي ۾ جھيڙو، 2 ڀائرن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا