خيرپورناٿن شاھ  (رپورٽ: ارشاد کوسو)خيرپورناٿن شاھ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو لوڊر رڪشا سان خوفناڪ ٽڪر، ھڪ ئي ڪٽنب جا 4 عورتن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار، 3 ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي، ڳوٺ مراد کوسو سامھون انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو لوڊر رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾   لوڊر رڪشا ۾ سوار شڪارپور جي ڳوٺ پيربخش کوسو جا رهواسي ھڪ ئي ڪٽنب جا ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا،  جڏهن ته ٽن معصوم ٻارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ فوتين جي سڃاڻپ مسمات شريفان زال خانڻ کوسو، مسمات حسينا زال متو کوسو، بھرام ولد وسائي کوسو، علي محمد کوسو  ۽۾ مسمات حوا زال بھرام کوسو طور ڪئي وئي.جڏھن ته زخمين ۾ معصوم سيما ڌيءُ  خان محمد کوسو ، معصوم ظھيران ڌيءُ بھرام کوسو، معصوم بشير ولد گامڻ کوسو ، عبدالستار ولد علي کوسو، بشير کوسو، ڏري کوسو ، صحت خاتون کوسو، زرينه کوسو  ۽ ٻيا شامل آهن.