خيبرپختون خواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو

0
137
خيبرپختون خواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو
خيبرپختون خواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو

خيبر پختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو، گذريل ڏينهن محمد اعظم خان جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي هئي، اعظم خان کي پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو،  اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اعظم خان کي دل جي تڪليف سبب اسپتال آندو ويو، اعظم خان اسپتال جي آءِ سي يو ۾ دم ڏنو، چارسده سان تعلق رکندڙ محمد اعظم خان کي 21 جنوري 2023 تي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو هو، اعظم خان ملڪ جي سينيئر ترين بيوروڪريٽس منجهان هڪ هو، محمد اعظم خان صوبائي وزير ۽ نگران وفاقي وزير طور به ڪم ڪري چڪو، اعظم خان وفاق ۾ پيٽروليم ۽ ٻين شعبن ۾ سيڪريٽري طور خدمتون به سرانجام ڏنيون