خوفناڪ روڊ حادثو:معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو سڙي فوت

0
274
خوفناڪ روڊ حادثو:

قاضي احمد / سڪرنڊ (نمائندن وٽان) قومي شاھراھه ريڻ شاخ وٽ حيدرآباد کان مورو ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ بعد باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا

پوليس چيو آهي ته فوتين ۾ 3 معصوم ٻارڙا 3 عورتون ۽ ھڪ مرد شامل آهي، سڙي فوت ٿيل مورو واسي ٻڌايا پيا وڃن جن جو تعقل هڪ ئي خاندان سان آهي

ڪار سوار حيدرآباد کان عيد جي خريداري ڪري مورو طرف وڃي رهيا هئا ته ساڻن افسوسناڪ حادثو پيش آيو

جڏهن ته لاش سڙي وڃڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي، اطلاع تي موٽروي پوليس ۽ ريسڪيو عملدار موقعي تي پهچي امدادي لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا

قاضي احمد روڊ حادثو، فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي، وڏي وزير پاران رپورٽ طلب

 قاضي احمد ڀرسان ريڻ شاخ وٽ  ڪار کي باھ لڳڻ سبب  حادثي ۾ فوت ٿيندڙن 7 ڄڻن جو ئي جو تعلق مورو جي  ڳوٺ کاھي ماڇي  سان آھي

فوتين ۾ افضل سولنگي ولد محمد صديق سولنگي, سمينا ڌي محمد صديق سولنگي، مهڪ ڌيءَ محمد صديق سولنگي، خاتوني زال محمد عيسيٰٰ سولنگي، فلڪ ڌيءَ محمد عيسيٰ سولنگي، انعم ڌيءَ محمد عيسيٰ ۽ انيتا ڌيءَ محمد عسيٰٰ شامل آھن

حادثي ۾ شڪار ٿيل هڪ ماءُ ٽي ڌيئرون هڪ پيۡ۽ ٻه ڌيئرون شامل آھن جن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آھي، جيڪ پنھنجي عزيزن سان عيد ملڻ ويا ھئا جيڪي واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئا تہ اھڙو حادثو پيش آيو آهي

ٻئي پاسي حادثي جي حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر نوابشاھه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي