ايٿنز:(دلچسپ نيوز) ايجيان سمنڊ ۾ واقع خوبصورت ٻيٽ انتي کيٿيرا 7.89 اسڪوائر ميل تي ڦهليل آهي جنهن ۾ هڪ ئي وسندي موجود آهي ۽ اتان جي رهواسين جو تعداد صرف 20 رهجي ويو آهي.يونان جي حڪومت هاڻ هڪ منصوبي جي تحت وڏن خاندانن کي اتي رهڻ لاءِ قائل ڪندي ۽ جن ماڻهن کي چونڊيو ويندو ان کي هڪ گهر، خوراڪ پوکڻ يا ڪاروبار لاءِ زمين جو هڪ ٽڪرو ۽ 3 سالن تائين ماهوار 560 ڊالرز (88 هزار پاڪستاني روپيا) پگهار ڏني ويندي.مقامي حڪومت به اهڙن ماڻهن کي ڳولي رهي آهي جيڪي اتي مستقل رهائش اختيار ڪري سگهن.