اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي آپريشنز شھزاد بخاري اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آھي ته ججز کي ملندڙ خط ۾ جاچ جلد مڪمل ڪنداسين. اھڙي طرح جا ليٽرز سپريم ڪورٽ ۽ لاھور ھاءِ ڪورٽ جي ججز کي به مليا آھن. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته ھاڻي ته سي سي ٽي وي ڪئمرائون ھر جڳھه تي لڳل ھونديون آھن ڇا پتو نٿو پئجي سگھي ته خط ڪھڙي ڊاڪ خاني مان پوسٽ ڪيا ويا آھن؟ بريسٽر سلمان صفدر چيو ته پوليس ۽ انويسٽيگيشن ايجنسيز جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آھي. انھن کي ضرور ريشمه کي ڳولھڻ گھرجي. ڊي آءِ جي آپريشنز شھزاد بخاري ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي ھمايون حمزا مختصر عدالتي نوٽِيس تي عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته ڪيس داخل ٿي ويو آھي. اھو ٻڌايو ته جاچ ۾ ڪھڙي اڳڀرائي ٿي آھي؟. ڊي آءِ جي آپريشن ٻڌايو ته اسان خطن ۽ ان جا لفافا ايناليسز لاءِ ليب موڪلي ڇڏيا آھن. خطن جي لفافن تي لڳل مھر صحي نموني پڙھڻ جھڙي ناھي. پوسٽ ماسٽر جنرل کي ان متعلق لکيو آھي. چيف جسٽس چيو ته اوھان اڃا اسٽيمپ ئي نٿا پڙھي سگھو ته اسان ڪنھن کي چئون؟ اوھان جو اسٽاف صرف ناڪن تي بيھي ماڻھن کي تنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. اسان کي روز شڪايتون اينديون آھن ته وڪيلن کي پوليس ناڪي تي روڪيو آھي. اوھان ليٽرز تجرئي لاءِ موڪلڻ کان علاوه ڇا ڪيو آھي؟ سي ٽي ڊي آفيسر ٻڌايو ته ابتدائي جاچ مطابق ھي ليٽر ڪنھن ليٽر باڪس مان راولپنڊي جي پي او آيا ۽ پوءِ اُتان ھاءِ ڪورٽ ڊليور ٿيا. اسان ليٽر باڪسز وٽ سي سي ٽي وي ڪئمرا ڏسي رھيا آھيون. ڪجھه ليٽرز تي موڪليندڙ جو نالو ريشم ته ڪجھه تي ريشمه لکيل آھي.