خطرناڪ طوفان آئيڊا امريڪي رياست لوئزيانه سان ٽڪرائجي ويو، 10لک ماڻهو بجلي کان محروم

0
219

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي رياست لوئزيانه سان خطرناڪ طوفان آئيڊا ٽڪرائجي ويو، تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، ميڊيا رپورٽس موجب، طوفان آئيڊا سبب هلندڙ طوفان سبب وڻ پاڙاه پٽجي ويا، واقعن ۾ هڪ ڄڻو زخمي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لوئزيانه ۽ مسي سپي ۾ تقريبن 10لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.

امريڪي ميڊيا موجب، طوفان آئيڊا ڪيٽيگري ون ڪي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو جنهن سان امريڪي رياست ۾ 95ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، امريڪي موسميات کاتي موجب،م طوفان آئيڊا لوئزيانه جي اتر واري علائقي طرف وڌي رهيو آهي، ٽن شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، لوئزيانه جي شهر هيمنڊ ۾ شديد برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وڌيڪ برساتون پوڻ جو پڻ امڪان آهي.