خانپورمھر ( ن پ ا) خانپورمھر ويجھو ڳوٺ احمد آباد وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ صاحب ڏنو ملڪ شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي خانپورمھر جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ داخل آندو ويو، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ھوڏانھن خانپورمھر پوليس ڊرائيور يوسف لغاري کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.