خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ويجھو ڳوٺ ڇتن مھر ۾ واھ مان غيرقانوني مٽي  کڻندڙ ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ چئن ورھين جو نينگر حامد پٽ عبدالحميد مھر فوت ٿي ويو. ٽريڪٽر هلائيندڙ ننڍي عمر ۽ ھڪ ھٿ کان معذور نينگر ڊرائيور حبيب الله پٺاڻ کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ڳوٺاڻن پاران قبضي ڪيل ٽريڪٽر ٽرالي کي باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر موقعي تي موجود پوليس اھلڪارن فوري باھ کي وسائي ٽريڪٽر ٽرالي کي سڙڻ کان بچائي ورتو. نينگر جي چاچي امداد مھر جو چوڻ ھو ته ظلم جي انتھا آھي. واھ مان واري کڻندڙ ٺيڪيدار ٽريڪٽر ننڍي عمر ۽ ھڪ ھٿ کان معذور نينگر حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪو تيز رفتاري سان ٽريڪٽر ھلائي رھيو ھو. نينگر ٽريڪٽر ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ھوڏانھن خانپورمھر پوليس فوتي نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪرائي مڙھ وارثن حوالي ڪيو. نينگر جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.