خانپورمھر: ملتان واسڻ عورت کي مبينا اغوا ڪري نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ جو انڪشاف

0
210

خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ۾ علاج لاءِ آيل ملتان واسڻ عورت مريم خاتون جون شھر ۾ دانھون، عورت جي رڙين تي شھري ۽ پوليس اھلڪار پھچي ويا، مريم جو چوڻ آهي ته مون کي زبردستي روھڙي اسٽيشن تان اغوا ڪري خانپورمھر آندو ويو، روھڙي اسٽيشن تان نشو ڏئي خدابخش ملڪ پنھنجي ڳوٺ کڻي آيو جتي ھن مونسان نڪاح ڪيو، عورت جو چوڻ آهي ته گذريل ھڪ ھفتي کان ڳوٺ مزار ملڪ ۾ رھايو ويو، اڄ علاج لاءِ خانپورمھر آيس ته پاڻ بچائڻ لاءِ دانھون ڪيم، مسمات مريم جو چوڻ آهي ته منھنجي شادي ملتان ۾ عمران سان ٿيل آھي، جنھن مان چار ٻارن جو اولاد آھي، مون کي واپس ملتان موڪليو وڃي. ان موقعي تي مسمات مريم سان گڏ آيل ڌڻي بخش ملڪ کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڌڻي بخش ملڪ جو چوڻ آهي ته مريم منھنجي ڀاءُ سان نڪاح ڪيو آھي، ھن کي اغوا ناھي ڪيو ۽ نه ئي زبردستي نڪاح ڪيو آھي، ھو واپس وڃڻ چاھي ٿي ته ڀل واپس وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته مريم اصل ۾ ملتان جي رھواسڻ آھي، کيس ڪورٽ م پيش ڪيو ويندو، جيڪو ڪورٽ حڪم ڪيو ان تي عمل ڪيو ويندو.