خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر وچ شهر ۾ موٽر سائيڪل سائيڊ ڪري نه بيهارڻ تان پوليس اهلڪارن ۽ ڳوٺ ڪشمير گڏاڻي واسي امير حمزهه گڏاڻي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد ۾ نوجوان جي ٻانهن ڀڄي پئي، پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد خلاف زخمي ڳوٺاڻي ۽ گڏاڻي برادري جي ماڻهن حاجي عالم گڏاڻي، محمد هاشم، اشفاق توڪل، اسلم بيگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان موقعي تي زخمي ڳوٺاڻي ٻڌايو ته خانگي اسپتال ۾ ٻارن جو علاج ڪرائڻ آيس ته موٽرسائيڪل بيهارڻ بعد پوليس اهلڪارن سائيڊ ڪري بيهارڻ جو چيو جن کي مون چيو ته آئون پاڻ موٽرسائيڪل وٽ بيٺو آهيان، ٿوري دير ۾ هليو ويندس، ان دوران پوليس اهلڪار حسين جسڪاڻي، عزيز  ۽ خادم راڄڙ مڇرجي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بٽ هڻي ٻانهن ڀڃي ڇڏي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، پوليس ڳوٺاڻي مٿان تشدد واري معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.