خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ ويجهو ڳوٺ محمد پريل سيال ۾ هڪ هفتو اڳ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿيل حاڪم علي سيال واري واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ گلزار احمد سيال جي فرياد تي 5 سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ سڪندر علي، محمد هارون، عابد علي، سجاد علي، جواد علي سيال ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن قتل ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ فرار ٿي وئي آهي.