ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ۽ حبيب جمالي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽن نور محمد ۽ شهباز لنڊ جي 15 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت کين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻئي طرف خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي حمايتي وڪيلن  خالد لنڊ خلاف نعريبازي ڪئي، ٻئي طرف ضمانت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  پ پ ايم اين اي خالد لنڊ چيو ته ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي پٽن کي پرڏيهه مان گهرايو اٿم، هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته شهيد گڏاڻي جي قتل تي سياست نه ٿئي، وارثن سان انصاف ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن شهيد جا وارث الزام هڻن ها ته منهنجو نالو اڳ  ۾ئي ايف آءِ آر ۾ ڏين ها، هن وڌيڪ چيو ته نصرالله گڏاڻي جو سياسي قتل ٿيو آهي, انهي ڪيس ۾ اسانجو هرڀرو نالو بدنام ڪيو پيو وڃي, هن چيو ته في الحال اليڪشن هارايل پاڻ کي چمڪائي وٺن، گڏاڻي کي قتل ڪرائيندڙ جو نالو بعد ۾ وٺنداسين.

خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون: وڪيل ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ ۽ ٻين طرفان حفاظتي ضمانت لاءِ پهچڻ دوران وڪيلن طرفان ڪيل احتجاج ۽ نعري بازي بعد وڪيل اڳواڻ اعجاز احمد پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پريڊي ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي،  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ تي احتجاج ڪري رهيا هئاسين، انهي دوران خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ حفاظتي ضمانت ڪرائي پهتا، خالد لنڊ اسان کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، شهباز لنڊ پنهنجا ماڻهو گهرائي چيو ته گاڏي مان هٿيار ڪڍي  وڪيلن کي سندس اوقات (حيثيت) ڏيکاريو، گاڏي جو دروازو کولي اسان کي هٿيار ڏيکاري ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن احتجاج ختم نه ڪيو ته جان کان ماري ڇڏينداسين، وڪيل ساٿي گڏ ٿيڻ  تي خالد لنڊ وارا ڀڄي ويا، انهن سان 15 کان 20 ماڻهو گڏ هئا، خالد، شهباز، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

شھيد صحافي نصراللّٰه گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ  ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي

ڪراچي: ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن برانچ عامر فاروق شَھيد صَحافي نصراللّٰه گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي سراج لاشاري کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سراج لاشاري کي ڊي آءِ جي سکر جي سفارش تي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي