نوشهروفيروز (رپورٽر) موري ڀرسان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خالد آباد جي پرنسپال ۽ شاعر جبار ملاح تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز ۾ استادن، اديبن ۽ شاعرن پريس ڪلب علامتي بک هڙتال  ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي  پروفيسر بخش علي چانڊيو، غلام شبير سهتو، اظھر علي قريشي، ذوالفقار علي گوپانگ، علي انور راڄپر، عطا محمد سولنگي، شاهد راڄپر، پروفيسر اشرف علي جويو، خادم حسين ڏاهري، آفتاب راڄپر ۽ ٻين چيو ته شاعر، اديب ۽ خالد آباد ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جبار ملاح تي پريڪٽيڪلن دوران حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر مورو پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته فوري طور جبار ملاح تي حملي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.