خاردار سرحدون ۽ جاندارن جي درد ڪٿا

0
25
خاردار سرحدون ۽ جاندارن جي درد ڪٿا

سموري انساني تاريخ فساد جي تاريخ آھي. سموري تاريخ ۾ ظلم ڪندڙ پنھنجو پاڻ کي مھان ڪري پيش ڪيو آھي، بلڪل ائين جيئن شينھن جو شڪار ڪندڙ پنھنجو پاڻ کي وڏو فاتح سمجھي رھيو ھوندو آھي، ڇو تہ شينھن اڃا تاريخ لکڻ سکي نه آھي. جديد دنيا جو ھڪ الميو اھو به آھي ته انھيءَ منجھ المين جي پوري قطار آھي. سوالن جي اھڙي قطار جنھن جي پڇاڙي تي جواب بدران عجب جي نشاني اچي ٿي ۽ ان کانپوءِ صرف خاموشي آھي.

                 معلوم تاريخ مان شاھديون ملن ٿيون تہ پھريون ڀيرو رياستن جي وچ ۾ سرحد ٻن سميري رياستن لاگاش  Lagash۽ اوما  Ummaجي وچ ۾ ٺاھي وئي ھئي. سميري تھذيب (3500 ق.م) عراق جي ڏکڻ ۾ واقع ھڪ اوئلي تھذيب آھي جيڪا اڄ کان ساڍا پنج ھزار سال اڳ ۾ اتي وجود رکندي ھئي. ھن تھذيب جا ماڻھو دجلا ۽ فرات ندين مان واھ کوٽي ٻنيون آباد ڪندا ھئا. اڄوڪي دور ۾ جيڪي  سرحدون آھن اُھي جديد دور جي قومي رياستن nation-state جي بين الاقوامي ڍانچي جي پيداوار آھن. سرحدي ديوارن يا خاردار جھنگلن جو رواج پڻ ويھين صديء کان پيو آھي، جنھن جو پھرين مثال 1930ع ۾ فرانس پاران جوڙيل ميجنوٽ لائن Maginot Line آھي، جيڪا نازي جرمني Nazi Germany  جي حملي کان بچڻ جي لاءِ جوڙي وئي ھئي. برلن جي ديوار  Berlin Wall۽ اسرائلي اولھندي ڪناري واري حد Israeli West Bank barrier، جديد دور جي سرحدي رڪاوٽن جو مثال آھن.

اڄ جي يورپي ملڪن ۾ سرحد تي ديوار يا خاردار جھنگلن جو وجود نہ آھي سواءِ انھن ملڪن جي جن جي وچ ۾جنگ ھلي رھي آھي. تازو مثال فنلينڊ  Finlandجو آھي. فنلينڊ جي ڪل سرحد 2690 ڪلوميٽرن جي لڳ ڀڳ آھي، جنھن مان روس واري سرحد 1340 ڪلوميٽر آھي، جنھن مان 200 ڪلوميٽرن تي خاردار ديوار جوڙي ويندي تہ جيئن پناھ گير فنلينڊ ۾ داخل ٿي نہ سگھن. روس جڏھن يوڪرين تي حملو ڪيو تہ روس فنلينڊ ڏانھن پناھ گيرن کي ٽڪائڻ جو پيغام موڪليو، جنھن کانپوءِ فنلينڊ خاردار ديوار اڏڻ جو فيصلو ڪيو.

اڳي سرحدون فطري ھونديون ھيون. درياھَ، جابلو سلسلا، نئيون، ريگستان، ۽ جھنگلات وغيرہ فطري طور تي نہ رڳو علائقا آھن ۽ ھئا پر علائقن جي وچ حد بندي بہ انھن جي بنياد تي ٿيندي آھي. مثال جي طور تي رائن ندي Rhine River اوائلي روم جي رياست ۽ قبائلي جرمني جي وچ ۾ سرحد ھئي، جيڪا ھاڻي جديد دور جي فرانس ۽ جرمني جي وچ جي سرحد آھي. ٻيو ٻن علائقن جي وچ ۾ سرحد کي طئي ڪرڻ لاءِ سليب لڳايا ويندا ھئا، پٿرن تي نشان لڳايا ويندا ھئا يا وري مجسما جوڙيا ويندا.

پوري ڪٿا ۾ ڪٿي بہ پکين ۽ جانوارن جو ذڪر نہ ٿو ملي. پر اڻويھين صدي ۽ ويھين صديءَ جي آمريڪا ۾ ريڍارن ۽ ميھارن جي وچ ۾ گاھَ چارڻ جي حقن واري معاملي تي ڪيتريون ئي جنگيون لڳي چڪيون آھن. جنگين ۾ ريڍار ۽ ميھار ھڪ ٻئي مٿان حملي آور اچي ٿيندا ھئا. اولھ آمريڪا جي ٽيڪساس، ايريزونا، ويامنگ، ۽ ڪولاريڊو رياستن ۾ ٿيل اھي جھيڙا تاريخ ۾ sheepwars طور مشھور آھن. 1870ع کان 1920ع تائين ٻنھي گروھن جي وچ ۾ ڪل 120 جھڙپون ٿيون جن ۾ 54 ماڻھو مئا 50 ھزار کان لک جي وچ ۾ رڍون ڪٺيون ويون. ساڳيو معاملو لاگاش ۽ اوما شھري رياستن جي وچ ۾ پڻ ھيو ۽ سرحد تي ديوار کڻائڻ پٺيان پڻ اھو ھڪ سبب ھو. اھڙي طرح سان برطانيا ۾ حصارڪشي جي قانون جنھن کي انگريزي ۾ Inclosure Acts  سڏجي ٿو جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ اُتي پڻ مالوندن جي وچ ۾ جھڙپون ٿينديون ھيون. جيڪي ٻنيون خالي ڇڏيل ھونديون ھيون، خاص طور تي انھن کي ضايع ٿيل سمجھيو ويندو. انھن ۾ گاھ ٿيندو ھو. مالوند پنھنجو مال وٺي انھن زمينن ڏانھن ڪاھي پوندا ھئا ۽ پاڻ ۾ وڙھي پوندا ھئا. سڌريل ملڪن جي اھا چڱائي مڃبي جو انھن ھر مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ قانون ٺاھيا پر جانورن جي ڳالھ ڪنھن نہ ٻڌي تہ اُھي ڪيڏانھن ويا.

جديد سرحدون بي حس آھن. ھڪ جھنگل جي وچ مان جڏھن ليڪو ڪڍي اڌ و اڌ ڪري ملڪن کي ورھائي ڏجي ٿو تہ ماڻھو خوش ٿين ٿا پر جانور افسردگي جو شڪار ٿين. ٽولا ٻہ اڌ ٿي وڃن ٿا! ڪير ڄاڻي ڪھڙي ٽولي ۾ ماءُ رھجي وڃي ٿي ۽ ڪھڙي ٽولي ۾ کير پياڪ ٻچڙو! فطري سرحدن جي عزت ڪرڻ جو خيال انسانَ کي ڪڏھن ايندو ڇو تہ اُن جو ڌرتيءَ سان تعلق جيئاريندڙ وارو نہ پر ظالماڻو رھيو آھي. ان ڌرتيءَ کي ھميشه پنھنجي مفاد خاطر ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھڪ ڌرتيءَ 8 ارب دعويدار، سڀ انھي تي دارومدار رکن ٿا ۽ ان جا 8 ارب ٽڪر ڪرڻ چاھين ٿا پر ڌرتي جي فطري سرشتن کي جوڙي رکڻ جي ڪوشش صرف ۽ صرف جانور ڪن ٿا، ڇو تہ انھن جي وجود ۾ وڇڙڻ نہ آھي!

وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرتِ نَہ ڇِنَنِ پاڻَ ۾،

پَسو پَکِيَڙَنِ، ماڻُهنِئان ميٺُ گهَڻو. (شاھ لطيف)

پکين جا ولر اڄ بہ سائبيريا مان سنڌ لڙي اچن ٿا پر راجسٿان جا اٺ نہ ٿا اچن. ھاڻي ميڪسيڪو جا غريب ماڻھو جن کي سڌريل آمريڪا جا ماڻھو دھشتگرد ۽ مجرم سمجھن خاردار ديوار ٽپڻ نه ڏيندا آهن پر ھڪ سيکڙاٽ چيتو جيڪو جھنگلن ۾ اڪيلو ماءُ کي ڳولي رھيو آھي، شڪار ڪرڻ ڪيئن سکي سگھندو، اھو ڪڏھن ڪنھن بہ نہ سوچيو آھي!

 [email protected]