حڪومت کي جمهوري طريقي سان گهر ڀيڙو ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

0
588
حڪومت کي جمهوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان شروع کان بي اعتمادي رٿ جو مطالبو ڪندي زور ڀريو ته حڪومت کي جمهوري طريقي سان گهر ڀيڙو ڪيو وڃي،  انشاءَ الله اهو اسان ڪري ڏيکارينداسين

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته چيو آهي ته عوام عمران خان مان جان ڇڏائڻ جا مطالبا ڪري رهيو آهي، پ پ جڏهن به مزاحمت جي سياست ۽ لانگ مارچ ڪيو ته وقت جي حڪومت کي نقصان پهتو آهي

هن چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائي عوامي حڪومت آندي وڃي، اسٽيٽ بئنڪ بل سوڌو غيرآئيني ۽ غير جمهوري آرڊيننس کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون

هن چيو ته حڪومت زبردستي مني بجيٽ ۾ غريب دشمن بجيٽ پاس ڪئي، پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌر پاران ايوان اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو ويو، حڪومت ٻڌائي رهي هئي ته ڪجهه ٽيڪس واپس ورتا پيا وڃن پر اها به غلط بياني هئي

بلاول چيو ته هن بجيٽ سان بيروزگاري ۽ غربت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، نااهلي جو بار عوام پاڻ کڻي رهيو آهي، پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته اسان روڊن تي نڪرون، 27 فيبروري تي عوام لاءِ حڪومت خلاف ٻاهر نڪرنداسين، اسان جمهوري ماڻهو آهيون، ڪو به غير جمهوري قدم نه کڻنداسين

هن چيو آهي ته عوام مطالبو ڪري ٿو ته نئون پاڪستان جي عذاب کان بچايو وڃي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بل زبردستي پاس ڪرايو ويو، پارليامينٽ، حڪومت ۽ عدليه جا هٿ ٻڌ ويا آهن، آءِ ايم ايف جي حڪم تي توهان کي عالمي ادارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جو بل هجي يا سپليمنٽري فنانس بل، اسان جي معاشي خودمختياري، سلامتي تي حملو ڪيو ويو آهي

شاهه رخ جتوئي جي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور جيل هجي يا اسلام آباد يا سنڌ جي جيل هجي، هتي ٻن قسمن جو نظام هلي رهيو آهي، اسان ان جي خلاف آهيون

هن چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي، پنجاب ۾ علاج لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون، سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ۽ ان تي وڏي وزير ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اسان ڪنهن به قاتل جي مدد نه ڪنداسين