سنڌڙي(رپورٽ: اسد شر) ڪاٽن جنگ ايسوسئيشن پاران ڪڪڙن تي ٽيڪس ۽ آف سيزن ۾ فيڪٽرين تي بجلي جا فيڪس بل ڪرڻ خلاف خريداري بند ڪري ڇڏي، جنھن سبب سنڌڙي تعلقي جي مختلف شھرن ھنڱورنو ۽ ڦلھڏيون سميت ننڍن وڏن ڪاروباري مرڪزن تي واپارين پاران ڦٽي جي خريداري روڪي ڇڏي جنھن سبب آبادگار سخت پريشان ٿي ويا، ان سلسلي ۾ آبادگار طارق جلال راڄڙ، يو سي چيرمين عبدالڪريم شر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته حڪومت 250 رپيا ڪڪڙن جي في مڻ تي ٽيڪس ھنيو آھي جنھن تي آبادگارن کان فيڪٽري وارا ھڪ ھزار کان 15 سئو رپيا گھٽ اگھه تي في مڻ ڦٽي جو خريد ڪن پيا، ھاڻ جڏھن فيڪٽري وارن ھڙتال ڪئي آھي ته جئين ھو آبادگارن کي پريشر ڏين جئين ھو احتجاج ڪن ۽ فيڪٽري مالڪن جو فائدو ٿي، ان فيڪٽري وارن جي بليڪ ميلنگ جي ڪري ڦٽي جو 2 کان 3 ھزار اگھ ھٿرادو طور گھٽ ڪرڻ لاءِ فيڪٽرين ۾ ھڙتال ڪندي خريداري بند ڪئي وئي آھي، ھنن چيو ته آبادگارن کي ڪڻڪ، سرنھن، سونف سميت گذريل سيزن جي ڪنھن به فصل جو مناسب اگھه نه مليو جنھن ڪري آبادگار ڪنگال ٿي ويو آھي، ھاڻ آبادگار کي معاشي طور ختم ڪرڻ لاءِ فيڪٽري مالڪن ھڙتال شروع ڪئي آھي جئين آبادگار مجبورن گھٽ اگھ تي ڦٽي کپائين، ھنن چيو ته خريداري نه ٿي ته مارڪٽ گھٽجي ويندي جنھن سان اسٽاڪرن کي فائدو پھچندو ۽ ڪجھ ڏينھن ۾ برسات پوڻ واري آھي جنھن سان ڦٽي خراب ٿيندي، ھنن چيو ته ھن ھڙتال جو حڪومت نوٽيس وٺي فورن 10 ھزار روپيا ڦٽي جو ھنگامي اگھ مقرر ڪري ۽ ھڙتال ڪندڙن فيڪٽري مالڪن جون فيڪٽريون سيل ڪيون وڃن.