حڪومت پاران کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو

0
272
ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو
حڪومت پاران کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت پاران کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزير اعظم کي ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزيراعظم ذخيره اندوزي ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظموفاقي وزيرن کي هدايت ڪئي ته پرائس ڪنٽرول ڪميٽين تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.