حڪومت پاران ڌمڪين واري خط ۾ نواز شريف ملوث قرار، چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جو فيصلو

0
178
حڪومت پاران ڌمڪين واري خط

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڌمڪين واري خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ملوث قرار ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي تفصيل پيش ڪيا

اسد عمر چيو ته هي خط بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ جو آهي، جيڪڏهن ضرورت آهي ته وزيراعظم هي ڌمڪين واروخط چيف جسٽس آف پاڪستان ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، هاڻي هي مسئلو سول ملٽري قيادت سان شيئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪابينا ۾ به هر ڪنهن کي هن خط جي خبر ناهي

اسد عمر چيو ته ان خط ۾ نواز شريف سڌو سنئون ملوث آهي جڏهن ته پي ٽي ايم قيادت به هن کا بي خبر ناهي، خط ۾ سڌي طرح بي اعتمادي جو ذڪر آهي، خط ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ذڪر آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا، تنهن ڪري ٻاهران هٿ ۽ عدم اعتماد جي رٿ پاڻ ۾ مليل آهن

وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ڪنهن ڪنهن سان ملاقات ملندو رهيو، وزيراعظم جڏهن چاهيندو ان جي تفصيل ٻڌائيندو، جڏهن ته پي ڊي ايم جي سينيئر قيادت کي به خبر آهي، ايم اين ايز جي وڏي انگ کي خبر ناهي ته بي اعتمادي رٿ جي پٺيان ڪهڙا عنصر آهن، حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ سمورين پارٽين جا اسيمبلي ميمبرز هن بابت سوچيندا

ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته هي خط چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڏيکارڻ جي ڳالهه ٿي آهي، چيف جسٽس کي جڊيشل ڪميشن لاءِ نه پيا ڏيکاريون، پر هو ملڪ جو وڏو آهي، ان ڪري هن کي هي خط ڏيکارڻ جي ڳالهه ٿي آهي

هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف لاءِ مون اڳ ۾ ئي چيو هو ته هن کي ٻاهر نه وڃڻ ڏيو، اهڙا ماڻهو ٻاهر وڃي ڪري عالمي اسٽيبلشمينٽ جي هٿين چڙهي ويندا آهن

واضح رهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته پرڏيهه مان پئسا وٺي حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مون وٽ خط آهي جيڪو ثبوت آهي

ھي به پڙھندا

عدم اعتماد رٿ تي ووٽنگ 3 اپريل تي ٿيندي: شيخ رشيد