اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران سوئس ڪيسز جي جاچ جو فيصلو، پيٽرول بحران جي ذميوارن خلاف فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. پيٽروليم بحران تي ڪابينا ڪاميٽي جي رپورٽ تي حڪومت پيٽروليم ڊويزن، اوگرا عملدارن، بورڊ آفيسرن ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز خلاف فوجداري ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي،ذريعن موجب حڪومت آئل مارڪيٽنگ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي بدعنواني ۾ ملوث ڪمپنيز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب ڪابينا ڪاميٽي رپورٽ منظور ڪري ورتي ۽ پيٽروليم ڊويزن ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. حڪومت پاران ايڊوائيزري ڪاميٽي جي ڊيٽا تي دارومدار ختم ڪرڻ ۽ نئين ٽيسٽنگ ليب قائم ڪرڻ، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز کي عبوري لائسنس جاري ڪرڻ تي به ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب غيرقانوني جوائنٽ وينچر ۽ غيرقانوني نجي اسٽوريج قائم ڪرڻ تي ڪارروائي ٿيندي، بحري جهازن جي برٿنگ ۾ دير ڪندڙن کي سزا ڀوڳڻي پوندي. هوڏانهن وفاقي حڪومت سوئس ڪيسز جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيب جي 2 اڳوڻن چيئرمينن ۽ آفيسرن خلاف ايف آءِ اي جي جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب نيب جو 2011ع کان 2017ع تائين ڪارو دور قرار ڏنو ويو، آفيسرن عدالت کي گمراهه ڪندي سوئس ڪيس بند ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ذريعن موجب نيب آفيسرن جي ڪردار سبب اصل رڪارڊ موجود هئڻ باوجود سوئس ڪيسز بند ڪرايا ويا، سوئس ڪيسز بابت نيب وٽ اصل رڪارڊ موجود هو، واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف سوئس اڪائونٽس ڪيس ٻيهر کولي سگهجن ٿا.