اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رمضان شريف جي آمد کان اڳ ئي عام واهپي جي شين جي اگهن کي پر لڳي ويا، عام واهپي جون 18 شيون غريبن جي خريداري سگهه کان چڙهي ويون، ڪڪڙ جي اگهه ۾ 27 رُپيا في ڪلو اضافو ٿي ويو، ٻاڪرو ۽ ڳائو گوشت به مهانگا ٿي ويو، پٽاٽن جي اگهن ۾ 4 رُپيا في ڪلو اضافو، ڪيلن جي اگهن ۾ به 5 رُپيا في درجن واڌ ٿي وئي آهي، ڏهي، کير ۽ کاڄرو تيل به مهانگا ٿي ويا.