حڪومت پاران سنڌ هائوس اسلام آباد تي وڏي ڪارروائي جي تياري

0
209
سنڌ ھائوس ۾ ترسيل

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بي اعتمادي واري رٿ کان اڳ سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ وڏي ايڪشن جي تياري ڪري ڇڏي آهي.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ وڏي پئماني تي پيسن جي منتقلي جون خبرون آهن، ماڻهن کي سنڌ هائوس ۾ رکڻ لاءِ پوليس کي طلب ڪيو ويو آهي

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪز آهي، ان تي وڏو ايڪشن پلان ڪري رهيا آهيون. صحافي سوال ڪيو ته ڇا سنڌ هائوس تي ڇاپو هڻڻ پيا وڃو؟ جنهن تي فواد چوڌري جواب ڏنو ته کيس ڇاپي جي خبر ناهي پر سخت ڪارروائي ٿيندي

12 ماڻهو ڳولڻ جي سوال تي فواد چوڌري چيو ته اسان کي 12 ماڻهن جي خبر آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به سنڌ هائوس جو ذڪر ڪيو ويو هو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان به سول انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پارليامينٽ ۽ سنڌ هائوس جي ميمبرن جي سخت نگراني ڪن

ھي به پڙھندا

وزيراعظم پاران سويلين حساس ادارن کي پارليامينٽ ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم