حڪومت عدليه تي حملو ڪيو، چيف جسٽس قدم کڻي، نيوٽلرز کي پيغام آھي ته گهڻو ٿي چڪو، ملڪ لاءِ سوچيو : پي ٽي آءِ

0
150
حڪومت عدليه تي حملو ڪيو،

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف حڪمران اتحاد جي پريس ڪانفرنس کي سپريم ڪورٽ مٿان سڌي ريت حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته نيوٽلز کي پيغام آھي ته گهڻو ٿي ويو، خدا جي واسطي پاڪستان جو خيال ڪريو، ڪالھه پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري شيري مزاري ۽ فرغ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عورت ( مريم نواز)  ضمانت تي هجڻ باوجود عدليه خلاف پريس ڪانفرنس ڪري رهي آھي، ايترو لحاظ اڄ تائين ڪنهن جو به نه ڪيو ويو آھي

فواد چوڌري ايمل ولي خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ هڪ صاحب چيو ته آئون باچا خان جو پوٽو آھيان، باچا خان جون پاڪستان لاءِ خدمتون آھن، آئون چوان ٿو ته باچا خان جي پاڪستان لاءِ ڪابه خدمت ناهي، هو ڪانگريس جو ليڊر هو، باچا خان  ته پاڪستان ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي، باچا خان ته پاڪستان ۾ دفن ٿيڻ به پسند نه ڪيو، ڪابل وڃي دفن ٿيو. هن چيو ته بلاول جو ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس پاليسين سان هڪ ئي تعلق آھي ته هن بينظير ڀٽو جي گهر جنم ورتو نه ته توهان جيڪو سنڌين سان ڪري رهيا آھيو، اها سڀني کي خبر آهي، برسات ۾ سڄي سنڌ ڊيم بڻجي وئي آھي

توهان هتي پنجاب حڪومت خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ جا پئسا لڳايا، توهان جو والد اهو ڄاڻيندي رات جو فرار ٿي ويو، جو توهان جي حڪومت رڳو ڪجهه ڏينهن جي مهمان آھي، هي سڀ فرار ٿي رهيا آھن، سپريم ڪورٽ انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري، سڀني پنهنجا پنهنجا سامان پيڪ ڪري ورتا آھن، مريم اورنگزيب ٻڌائي ته ڪيئن هڪ سزا يافته وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي؟ اها پريس ڪانفرنس سڌي ريت سپريم ڪورٽ تي حملو آھي، اهو عمل سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ وجهڻ آھي، بلاول کي مريم سان گڏ ويهڻ کان اڳ ياد رکڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو سڄي زندگي شريف خاندان جي ظلم جو شڪار رهي، جيڪڏهن توهان ۾ ٿوري  به غيرت ۽ نظريو هجي ها ته توهان پريس ڪانفرنس ۾ نه ويهو ها، توهان جو پنجاب سان ڪهڙو تعلق رهجي ويو آھي؟ توهان جون پنجاب ۾ رڳو 6 سيٽون  آھن، جيڪي به ايندڙ چونڊن ۾ توهان وٽ نه رهنديون. اڳوڻي وفاقي وزير شيري مزاري چيو ته نيوٽلز سزا يافته کي حڪومت ڏني، مولانا هاڻي کڏي لائين آھي، مريم نواز ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿي ڳالهائي سگهي

نجي شخص وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس نٿو ڪري سگهي، وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڳجهيون فائلون هونديون آھن، مريم نواز جي اتي پريس ڪانفرنس ڪرڻ ضابطي جي خلاف آھي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، رڳو ان ڳالهه ته عمران خان آزاد پاليسي جوڙي، ان مامري تي  هينڊلرز پاڪستان کي ڪنهن حد تائين تباهي جي رستي تي وٺي ويندا،  حڪمرانن پاڪستان ۽ معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو،  پوءِ به هو هنن پويان آھن ، حڪمرانن  ۾ ڪهڙي خاصيت آھي؟  کين اين آر او ٽو به ملي ويو، هنن پنهنجي ڪرپشن به معاف ڪرائي ورتي هينڊلرز وڌيڪ ڇا چاهين ٿا؟

خدا جي واسطي پاڪستان جو خيال ڪري ذاتي پسند ناپسند ڇڏي قوم کي چونڊ ذريعي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، نيوٽرلز لاءِ پيغام آھي ته گهڻو ٿيو، ٽن مهينن کان جيڪو ملڪ جو حشر ٿيو، ائين ڪڏهن نه ٿيو آھي، اوهان کي اڃا هوش نه ايندو ته ايندو ته  ڪڏهن ايندو؟ جڏهن آمريڪي فورسز اچي وينديون، ٻئي طرف تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عدالت پڇندي رهي ته ڪٿي لکيل آهي ته فيصلو پارٽي جو سربراهه ڪندو؟ پر انهن وٽ ڪو  جواب نه هو  سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻي ڌر جا وڪيل رڳو فل ڪورٽ جي اپيل ڪري رهيا هئا، ڪيس جي ميرٽ تي نه ڳالهائي رهيا هئا، اسان جي موقف جي عدالتي فيصلي تصديق ڪئي، حمزه شهباز کي ان ڪرسي تي ويهڻ جا اڳ به ڏينهن مليا ۽ هاڻ وڌيڪ ڏينهن ملي رهيا آهن، عدالت ان کي وڌيڪ موقعو ڏنو، اميد آهي ته حتمي فيصلو ٿي ويندو

هن چيو ته حڪمران اتحاد وارا  ٻن ڏينهن کان پريس ڪانفرنس ۾ چئي رهيا آهن ته عدليا سٺي ناهي، اسان کي اميد آهي ته اڄ فيصلو اچي ويندو، فتح سچ جي ٿيندي. اسد عمر چيو ته عدالت پڇندي رهي ته ڪٿي لکيل آهي ته فيصلو پارٽي جو سربراهه ڪندو؟ عدالت انهن کي گھڻو وقت ڏنو پر انهن وٽ ڪو جواب ناهي، انهن کي عدالت آخري موقعو ڏنو آهي. اسد عمر چيو ته حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير ڪڏهن به نه چونڊيو هو، اڳوڻي پرڏيهي وزير  ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت اڄ عدليا تي حملو ڪيو، ايگزيڪيوٽو عدليا تي حملو ڪيو، شهباز گل ۽ علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عدالتي فيصلي کي رد ڪندڙن کي پوري قوم رد ڪندي، ضمني اليڪشن وانگر اڳتي به قوم هنن کي رد ڪندي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايتري اهم ڪيس ۾ اٽارني جنرل موجود نه هو. قوم کي گذارش آهي ته اهڙن ماڻهن جو بائڪاٽ ڪري، هي فيصلو حق ۾ اچڻ تي مٺايون ورهائيندا آهن، فيصلو  خلاف اچڻ تي رڙيون شروع ڪري ڇڏيندا آهن، شاهه محمود چيو ته هن سموري راند جو ماسٽر مائينڊ آصف زرداري دبئي هليو ويو، ملڪ جو هنن کي ڪوبه فڪر ناهي، معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، بلاول کي ڪوبه فڪر ناهي، سنڌ ٻڏي رهي آهي ۽ هي پريس ڪانفرنسون ڪري رهيو آهي، علي زيدي چيو ته پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته موجوده حڪومت اعليٰ عدليا جي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪري رهي آهي

چيف جسٽس صاحب اڄ قدم کڻو، جيڪو ظلم ذريعي انصاف چاهيندو آهي، الله ان کي انصاف ذريعي ذليل ڪندو آهي، سڄو اينٽي پاڪستان ٽولو گڏ ٿي ويو آهي.شهباز گِل چيو ته مافيا پهرين ڏوهه ڪندي آهي، جڏهن پڪڙبي آهي ته ماڻهن کي خريد ڪندي، جيڪڏهن ڪو وڪرو نه ٿئي ته ان کي ڊيڄاريندي آهي، اوهان جي سامهون هتي جسٽس قيوم جهڙن ججن کي خريد ڪيو ويو،  ڇا اوهان کي جسٽس قيوم واپس کپي ، ڇا اوهان کي عدالتي بينچ ۾ سليم صافي گهرجي، ثنا بچا بينچ ۾ گهرجي. دنيا جي ڪابه لاجڪ موجود ناهي ته 179 ووٽن کي 186 ووٽن کان مٿي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

حمزه وڏو وزير رهندو يا نه؟، فيصلو اڄ شام پوڻا 6 وڳي ٻڌايو ويندو