حڪومت جي درخواست تي آءِ ايم ايف عوام کي رليف ڏيڻ تي راضي: تيل اگهن ۾ اڄ گهٽتائي جو امڪان

0
215
برساتن ۽ ٻوڏ سٽيل عوام تي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي پاڪستان بابت مشن چيف نيٿن ڪورٽر سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ڪيو آهي، ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيٿن ڪورٽر کي ناڻي وزير اسحاق ڊار ٻوڏ نقصانن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ سبب متاثرن کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، غريب طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ چاهيون ٿا

سڌارن ذريعي مالياتي خساري کي گهٽ ڪنداسين، حڪومت آءِ ايم ايف سان طئه ٿيل سڌارن تي عمل ڪندي رهندي، جنهن تي آءِ ايم ايف جي مشن چيف چيو ته آءِ ايم ايف ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندو، ٻئي طرف ڪالهه ناڻي وزير اسحاق ڊار ايف بي آر پهتو، جتي ان جي صدارت ۾ اجلاس به ٿيو

ايف بي آر چيئرمين آصف احمد ناڻي وزير کي ٽيڪس وصولين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جولاءِ کان آگسٽ 2022ع تائين ٽيڪس وصولين جو حدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر 2022ع تائين ٽماهي حدف به حاصل ڪيو ويندو، ناڻي وزير ايف بي آر ٽيم جي ٽيڪس وصولين جو حدف پورو ڪرڻ تي تعريف ڪئي

ٻئي طرف ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اڄ اي سي سي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ 3 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي سمري تي غور ٿيندو، يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۽ هائوسنگ وزارت لاءِ گرانٽ جي منظوري تي به غور ٿيندو، هوڏانهن ناڻي وزير اسحاق ڊار سان خيبر پختون خوا اسيمبلي جي ميمبر صوبيا خان ۽ ثيما جعفري ملاقات ڪري کيس ناڻي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني