حڪومت جو ججن جي مقرري جي طريقيڪار لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو

0
46
حڪومت جو ججن جي مقرري جي طريقيڪار لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو
حڪومت جو ججن جي مقرري جي طريقيڪار لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو

حڪومت ججن جي مقرري جي طريقيڪار لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج سينئر ججن، وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس، پنجن هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن، هاءِ ڪورٽن جي سينيئر ججن، وفاقي قانون واري وزير صوبائي وزير قانون،بارڪونسلز جا نمائندا ۽ اٽارني جنرل شريڪ ٿيا

ججن جي مقرري لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم تي غور ڪري رهي آهي

 آئيني ترميم کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ تبديلي جو امڪان آهي.

 ان ڪري اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.اجلاس ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي تجويز ڏني ته حڪومت آئيني ترميم تي غور ڪري رهي آهي ان ڪري اجلاس ملتوي ڪيو وڃي

جڏهن ته جڊيشل ڪميشن جي سمورن ميمبرن جي اتفاق راءِ سان ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، ڪميشن جي ميمبرن اتفاق ڪيو ته ججن جي مقرري جو عمل نه روڪيو وڃي. جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اعليٰ عدليه ۾ مقررين جو عمل موجوده ضابطن تحت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو