حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي هيرو اسڪوائر جي آفيس کانپوءِ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد هيرو ٽاور کي به سيل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لطيف آباد جو چوڻ آهي ته آٽو ڀان روڊ تي قائم هيرو ٽاور جي پلاٽ نمبر اي/7 اي کي انهن ايندڙ حڪم تائين سيل ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس هيرو ٽاور ۾ خرد برد واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي رپورٽ فراهم ڪئي هئي ۽ ان رپورٽ جي آڌار تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران هيرو ٽاور منصوبي کي سيل ڪيو ويو آهي. ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته هيرو اسڪوائر جي بلڊر تي بي ضابطگين جا الزام لڳا هئا جڏهن ته الاٽيز پاران به اينٽي ڪرپشن کي شڪايتون ڏنيون ويون هيون ۽ 17 نومبر 2023ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن معاملي جي جاچ شروع ڪندي ڊائريڪٽر لينڊ ايڇ ايم سي لطيف آباد ۽ ٻين کان تفصيل وٺي الاٽيز جا به بيان رڪارڊ ڪيا هئا. ذريعن موجب ڄاڻايل بلڊرز تي 27 ارب رپين جو فراڊ ثابت ٿيو جنهن بعد شروعاتي طور سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سندن آفيس سيل ڪئي هئي جڏهن ته ان کان اڳ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي بلڊر جو 2021ع دوران لائسنس به معطل ٿيو هو. هاڻي اينٽي ڪرپشن جي جاچ بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آٽو ڀان روڊ تي ڄاڻايل منصوبي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. منصوبو سيل ڪرڻ دوران عملي سان گڏ اينٽي ڪرپشن پوليس جا عملدار ۽ اهلڪار به موجود هئا.