حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڏياري جي موقعي تي اسٽال ۾ باهه لڳڻ سبب وڌيڪ 5 اسٽال سڙي ويا جڏهن ته حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ رهائشي پلازه جي بجلي جي تارن کي به باهه لڳي وئي جنهن سبب پلازه ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مارڪيٽ جي علائقي ۾ ڏياري جي موقعي تي آتشبازي جو سامان هڪ اسٽال تي رکي وڪرو ڪيو پئي ويو ته اسٽال کي باهه وڪوڙي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ٻين پنجن اسٽالن کي به وڪوڙي ورتو. باهه سبب هزارين رپين جو سامان سڙي ويو. حسين آباد ٿاڻي جي گدو چوڪ وٽ رهائشي پلازه ۾ به ڦٽاڪا ڦاڙڻ جي نتيجي ۾ بجلي جي تارن ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب پلازه ۾ دونهون ڀرجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڦٽاڪا ڦاٽڻ سبب فرسٽ فلور تي پيل ڪچري ۾ باهه لڳي جنهن بعد ۾ بجلي جي تارن کي به وڪوڙي ورتو.