حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حالي روڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽرياڻي ندا ترنم ٽنڊو ڄام واسي بااثر   خلاف پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي هن الزام هنيو ته 27 اپريل  تي بااثر  پنهنجي سئوٽ  سان ملي سندس ڀاءُ تي حملو ڪيو ۽ اسلحي جي زور تي تشدد جو نشانو بڻائي کانئس ڦرلٽ ڪئي. پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بااثر  پروفيسر جي گهر ٻاهران لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جو رخ سندن گهر ڏانهن آهي، جنهن سان بي پردگي ٿئي ٿي. پروفيسر کي انهن ڪئميرائن جو رخ هٽائڻ جو چيو ان تي مٿن حملو ڪيو ويو. هن چيوته ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.