حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي جي ڳوٺ مصري ڀٽو وٽ پڃاري واهه ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ سبب بند کي مختلف هنڌن کان روڻيون پئجي ويون، جنهن ڪري پاڻي فصلن بعد ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي،خوف سبب ڪيترائي علائقي واسي روڻيون بند ڪرڻ لاءِ واهه تي پهچي ويا، جن آبپاشي کاتي جي عملي کي روڻين بابت اطلاع ڏنو پر عملو نه پهتو، جنهن بعد انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪيون. پيپلز هاري ڪاميٽي جي صدر روشن علي شورو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جا عملدار نه پهتا.  پڃاري واهه ۾ پاڻي جي سطح بندن تائين پهچي وئي آهي ۽ بند ڪمزور هئڻ سبب پاڻي جيئن ئي اوور ٽاپ ٿئي ٿو ته بند کي مختلف هنڌن تان روڻيون پوڻ معمول بڻجي ويو آهي. هنن  مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واهه جا بند مضبوط ڪيا وڃن.