حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لائيرز ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد پاران سنڌ جي قديمي وسندين، ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيل ۾ قيد ڪرڻ واري عمل خلاف ڊسٽرڪٽ بار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ شيراز ڀٽي، منور چانڊيو، مهراڻ ٿيٻو، سيد آفاق علي شاهه، بشير احمد سيٺار ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ بلڊر مافيا ماڪڙ جيان سنڌ جي قيمتي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن خلاف 6 جون تي بحريا ٽائون گيٽ سامهون سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پرامن احتجاج ڪري پنهنجي زمين جي مالڪي جو حق جتايو هو جنهن تي سنڌ حڪومت بحريا ٽائون جي ونگار وهندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪري سوين ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪري کين جيل اماڻي ڇڏيو آهي جيڪو بزدلاڻو عمل آهي. هنن چيو ته قبضا مافيا ملڪ رياض ۽ ان جي ساٿاري بڻيل سياستدانن کي ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. 6 جون تي سنڌ جي عوام بحريا ٽائون خلاف پنهنجو فيصلو اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪي آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آرز ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.