حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي جي دعويٰ ڪندي هڪ آئيس ڊيلر کي مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان ڄاڻايو آهي ته حالي روڊ پوليس آمريڪن ڪوارٽر ۾ ڳجهي اطلاع تي منشيات فروشن کي مبينا مقابلي ۾ آئيس ڊيلر کي ماري ڇڏيو. ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اقبال شاهه پٽ ايوب شاهه پٺاڻ جي نالي سان ٿي آهي جنهن جو تعلق هزارا ڪالوني واري علائقي سان آهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته جوابدار جي قبضي مان پوليس کي 700 گرام آئيس، 5 ڪلو چرس ۽ ٽي ٽي پستول به مليو آهي. ڄاڻايل منشيات فروش خلاف سائيٽ، حالي روڊ، ٽنڊو يوسف ۽ بي سيڪشن ٿاڻن تي منشيات جا 9 ڪيس اڳ ۾ به داخل ٿيل آهن.