حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس جا ڌار ڌار مبينا مقابلا، 3 جوابدار مارڻ ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ،  هٽڙي ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي به ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي ڄڻا فوت ٿيا. پوليس موجب ته مارجي ويل ڏوهارين مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ امتياز علي ڀنڊ ۽ علي اڪبر جوڻيجو جي نالي سان ٿي جڏهن ته هڪ ڏوهاري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جنهن ڪري فنگر پرنٽس ڪرائي ڊيٽا نادرا ڏانهن اماڻي وئي آهي ته جيئن سندس سڃاڻپ ممڪن بڻجي سگهي. ڏوهارين جا لاش پوليس پاران سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايا ويا هئا. پوليس ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته ٽنهي ڦورن باءِ پاس تان شهري لال بخش کان 18 لک 50 هزار رپيا رقم ڦر ڪئي هئي. متاثر شخص ۽ علائقي واسين ڦورن جو پيڇو ڪري مددگار پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي ڌاڙي جي واردات ناڪام بڻائيندي ڏوهارين کي مقابلي ۾ ماري ڦر ٿيل رقم ۽ سندن قبضي مان ٽي ٽي پستول هٿ ڪيا. ترجمان اهو به ڄاڻايو ته مارجي ويل ڏوهارين جو ڏوهي رڪارڊ به گڏ ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف پوليس پاران 30 ڪيسن ۾ نامزد ڏوهاري کي به مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. فورٽ پوليس ڄاڻايو ته رڪشا مارڪيٽ ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٻن شڪي ماڻهن سان سندن مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وسيم قريشي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. سندس ساٿي فرار ٿي ويو.ٻي طرف هٽڙي واري علائقي ۾ لال بخش ڀنڊ نالي شخص جي مال جو وٿاڻ قائم ٿيل آهي. هٽڙي پوليس موجب ته 3 ڦورو پيادل سندس واڙي ۾ داخل ٿيا جتي مالڪ ۽ مزدورن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئن 2 موبائيل فون ڦر ڪري پئسن بابت پڇا ڪئي ۽ انڪار تي 4 هوائي فائر ڪري خوف پکيڙيو. ايس ايڇ او اسلم بلو موجب فائرنگ بعد خوف ۾ مالڪ کين الماري جي چاٻي ڏني جتان ڦورو ساڍا 18 لک رپيا رقم کڻي واڙي تي بيٺل هڪ موٽرسائيڪل تي چڙهي روانا ٿيا. جنهن بعد انهن ناڪابندي ڪري ڦورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ کين گهيري ۾ آندو پر انهن پوليس تي فائر ڪيا. جوابي فائرنگ ۾ ٽئي ڄڻا مارجي ويا.