حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ لطيف آباد ۽ جوهي واسين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ جوهي جي ڳوٺ مزار خان ڀرڳڙي جي رهواسي معشوق علي ڀرڳڙي معصوم پٽ سان گڏ ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف دانهيندي چيو ته ڳوٺ مزار خان ڀرڳڙي ۾ ڪا به بنيادي سهولت معيسر ناھي جڏھن ته ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول به قائم ٿيل آھي جتي استاد ٻارن کي پڙهائڻ لاء تيار نه آھن اسڪول ۾ چوڪيدار ۽ صفائي عملو نه ھئڻ سبب ھفتي ۾ ھڪ دفعو اسڪول ايندڙ استاد ٻهارو به ٻارن کان ڏياريندا رھن ٿا، ڳوٺ جي اسپتال م دوائن, ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ آهي، روڊ رستا ٽٽل ۽ پاڻي، بجلي، صحت سميت ڪنهن به قسم جي ڪا به سهولت نه آهي. حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پٽ ۽ پوٽن جي تشدد سبب زخمي ٿيل پيرسن ماءُ گلشن بانو جي مڙس اڪرام الدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته 10 ڏينهن اڳ سندس وڏي پٽ انعام دين ۽ ان جي ٻن پٽن نويد ۽ حسيب سندس پيرسن زال گلشن بانو مبينا طور تي وحشياڻو تشدد ڪري هڪ هٿ ۽ هڪ ٽَنگ ڀڃي ڇڏي، جنهن خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ تي عدالت مان ضمانت ڪرائي ڇڏي آھي ۽ ھاڻي پٽ ۽ پوٽا کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.