حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب ڪاروباري سرگرميون ۽ عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي. گرمي جو وڌ ۾ وڌ پد 43.5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته فضا ۾ گهم جو تناسب 41 سيڪڙو رڪارڊ ٿيو. گرمي جي شدت سبب حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 33 کان وڌيڪ ماڻهو هيٽ اسٽروڪ جو شڪار ٿيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪري علاج بعد فارغ ڪيو ويو. گرمي وڌڻ سبب ٿڌين شين جي واهپي ۾ واڌ ٿي وئي آهي.