حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جي او آر ٿاڻي جي حد راڻي باغ ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ هڪ نينگر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي نينگر جي سڃاڻپ 14 ورهين جي محمد علي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 15 ورهين جو ارباز خان ۽ 15 سالن جو سلمان خان شامل آهن. پوليس موجب فوتي نينگر ۽ زخمين جو تعلق سائيٽ ايريا ڪوٽڙي سان آهي، حادثي جي اطلاع تي فوتي نينگر جا وارث سول اسپتال پهتا جتان کين پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگر جو لاش سندن حوالي ڪيو. جڏهن ته زخمي نينگر کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.