حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي هوسڙي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 11 سالن جي نينگر سفيان ولد عامر شاهه سان زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي نينگر جي وارثن ۽ علائقي واسين حيدرآباد _ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. نينگر سفيان جو لاش ڇنڇر ڏينهن شام جو ڊي ايس پي هوسڙي جي آفيس وٽان مليو هو. نينگر جو ڳلو ڪپيل هو. پوليس سندس لاش سول اسپتال منتقل ڪيو جتي نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن لاش جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگر سان زيادتي ٿي آهي. نينگر جي بيدردي سان قتل خلاف سندس وارثن ۽ علائقي واسين حيدرآباد-ٽنڊي محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان دوران هوسڙي پوليس پوسٽ جا اهلڪار پوسٽ کي تالا هڻي فرار ٿي ويا.نينگر جي قتل خلاف سوڳ ۾ هوسڙي شهر جا دڪان بند رهيا ۽ ڪو به ڪاروبار نه ڪيو ويو. نينگر جي پيءُ محمد عامر شاهه جو چوڻ هو ته سندس پٽ جو لاش هوسڙي جي ڊي ايس پي آفيس وٽان مليو آهي ان ڪري اها واردات ڪيترائي سوال اٿاري ٿي. هن چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران ٽال مٽول ڪري رهي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.نينگر جي وارثن مطابق هو ڇنڇر جي ڏينهن منجهند جو ماني کائي گهران نڪتو، بعد ۾ کين پتو پيو ته کيس بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي احتجاج جي اطلاع تي ڊي ايس پي هوسڙي محمد ايوب پاٽولي پهتو ۽ وارثن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي ايس پي ايوب پاٽولي چيو ته سندس آفيس موڪل جي ڪري بند هئي جڏهن ته ڊي ايس پي آفيس ۾ ڪو به اهلڪار مقرر ٿيل ڪونهي. شام جي وقت آفيس شهرين جي حوالي هوندي آهي. هن چيو ته سندس آفيس مان نه پر آفيس جي ڀر ۾ قائم پراڻن ڪوارٽرز وٽان نينگر جو لاش مليو جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ايم پي اي صابر قائمخاني به مظاهرين وٽ پهتو ۽ ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ ۾ پوليس جي مدد ڪئي. ايم پي اي صابر قائمخاني جو چوڻ آهي ته نينگر جو ڀيانڪ قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته شهرين کي به پنهنجي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجي ۽ علائقي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو حيدرآباد نه پر پوري سنڌ ۾ امن جي صورتحال بگڙيل آهي. ٻئي طرف نينگر  جي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ جاري نه ٿي سگهي هئي. ميڊيڪو ليگل شعبي جي انچارج ڊاڪٽر محمد وسيم ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر کيس ٻڌايو آهي ته نينگر سان زيادتي ٿيل آهي. هن چيو ته نينگر جا جزا ورتا ويا آهن ته جيئن وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائي سگهجن.