حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 300 کان وڌيڪ عيد جا اجتماع ٿيندا. سڀ کان وڏو عيد جو اجتماع راڻي باغ جي عيد گاهه ۾ ادا ڪيو ويندو. عيد نماز بعد سنتِ ابراهيمي جي ادائگي لاءِ جانورن جي قرباني ڪئي ويندي. عيدالضحيٰ جي موقعي تي حيدرآباد پوليس رينج ۾ 8 هزار 168 پوليس عملدار ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ته جيئن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت رينج جي 9 ضلعن جي هڪ هزار 382 مسجدن تي 2 هزار 130 عملدار ۽ اهلڪار جڏهن ته 205 امام بارگاهن تي 368 پوليس عملدار ۽ اهلڪار ڊيوٽين تي مقرر ڪيا ويندا. 307 عيدگاهن تي 1472 پوليس عملدار ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڪندا. عيد نماز جا 49 اجتماع کليل هنڌن تي ٿيندا جتي 255 پوليس عملدار ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڪندا. رينج جي 33 تفريحي ماڳن تي 294 اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ لاءِ 34 هنڌ قائم ڪيا ويا آهن جتي 79 اهلڪار ڊيوٽي ڪندا. رينج جي 9 ضلعن ۾ 332 پوليس پڪٽس قائم ڪيون ويون آهن جتي 806 اهلڪار ۽ 216 پوليس موبائيلن تي هڪ هزار 67 اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. گشت لاءِ پوليس اهلڪارن کي 146 موٽرسائيڪلون ڏنيون ويون آهن جن تي 318 پوليس اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. 649 پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رکيو ويو آهي.