حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ڀرسان کٿڙ وٽ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، جنوني شخص گڏهه تي وحشياڻو تشدد ڪري سندس ٽنگ ڀڃي ڇڏي، ٽن ڏينهن کان بي حال بڻيل گڏهه هلڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ کان لاچار، سيري پوليس معاملي جو نوٽيس وٺندي جنوني شخص کي گرفتار ڪري ورتو، تشدد جو شڪار زخمي گڏهه جو علاج ڪرائڻ جي دعويٰ. رپورٽ موجب سانگهڙ ضلعي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به بي زبان جانور تي وحشياڻي تشدد جو انڪشاف ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سيري ٿاڻي جي حد کٿڙ وٽ پڃاري واهه ڀرسان ڪاڪا ميرجت زرعي زمين وٽ 3 ڏينهن اڳ جنوني شخص لاوارث گڏهه کي ڏنڊن سان وحشياڻو تشدد ڪري ساڄي ٽنگ ڀڃي ڇڏي ۽ گهاءُ ڏنا جنهن بعد هو گڏهه کي ملنگ هوٽل ڀرسان بيد مشڪ جي وڻ هيٺان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو. گڏهه تي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن جو سيري پوليس نوٽيس وٺي گڏهه تي تشدد ڪندڙ مير رند نالي شخص کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو. سيري پوليس پوسٽ جي ايس ايچ او ارسلان چنا ٻڌايو ته جوابدار گڏهه گاڏو هلائي ٿو جنهن شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس گڏهه کي رولو گڏهه حملو ڪري چڪ هنيا جنهن بعد هن تيش ۾ اچي ڏنڊن سان گڏهه تي تشدد ڪيو. ايس ايچ او موجب ته گڏهه کين لاوارث حالت ۾ مليو ان ڪري گڏهه کي گاڏي ۾ کڻائي انهن پوليس پوسٽ ڪيٽل ڪالوني وٽ ڇڏيو جتي جانورن جي ڊاڪٽر کي گهرائي زخمي گڏهه جو علاج ڪرائڻ سان گڏ ڄنگهه سميت جسم جي ٻين حصن جي ملم پٽي به ڪرائي آهي. ايس ايچ او موجب ته ڄاڻايل واقعو 12 جون 2024ع تي پيش آيو ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انهن معاملي جي جاچ شروع ڪري 2 ڏينهن اڳ 14 جون تي جوابدار مير رند خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ۽ گذريل ڏينهن 15 جون تي جوابدار کي لاڳاپيل عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو جنهن کي عدالت 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. سيري پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مير حسن رند پنهنجي گڏهه سان جهيڙي جو الزام هڻي لاوارث گڏهه تي تشدد جو اعتراف به ڪيو جڏهن ته علائقي واسين به کين ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي گڏهه سان وڙهڻ جو جواز ڄاڻائي لاوارث گڏهه کي ڏنڊا هنيا جنهن ڪري سندس ساڄي پاسي واري ڄنگهه ٽٽي پئي. پوليس موجب تشدد جو شڪار گڏهه جو مالڪ اڃا تائين ظاهر ناهي ٿيو جنهن ڪري انهن سرڪاري فرياد تي سب انسپيڪٽر منظور حسين گهانگهرو جي فرياد تي مير حسن رند خلاف بي زبان جانور گڏهه تي تشدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مٿس قلم پي پي سي 429 تحت ڪيس داخل ڪيو. ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول آهن ته جوابدار ڄاڻايل گڏهه تي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس گهاءُ ڏنا آهن پر پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هن گڏهه تي ڏنڊن سان تشدد ڪيو جنهن ڪري هو زخمي ٿيڻ بعد هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي. هوڏانهن ٽن ڏينهن کان تشدد جو شڪار گڏهه جي وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود اينيمل هسبنڊري کاتي اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.