حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ويڪسينٽرن پاران آفر ليٽر نه ملڻ خلاف ڊي جي صحت آفيس جو گهيراءُ ڪري احتجاجن دروازو بند ڪري ڇڏيو. اميدوارن جي احتجاج کانپوءِ آفيس ۾ ڪم ڪار سانگي آيل ماڻهو به ڪافي دير تائين اندر ڦاٿل رهيا. ان موقعي تي مظاهرين نعيم الله مهر، مختيار رند ۽ ٻين چيو ته هلندڙ سال کانئن 700 ويڪسينيٽرز جي پوسٽن لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي هئي. 100 مارڪن مان پاسنگ مارڪون 50 رکيون ويون پر ان تي به عمل ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته پاس ۽ فيل اميدوارن جي واضح نموني لسٽ به پڌري نه ڪئي وئي آهي جڏهن ته ميرٽ بدران رڳو من پسند اميدوارن کي نوڪرين سان نوازيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ مان 8 هزار کان وڌيڪ اميدوار ويڪسينيٽرز جي ٽيسٽ ۾ ظاهر ڪيا ويا پر تنهن باوجود رڳو من پسند اميدوارن کي نوازيو ويو. مظاهرين الزام هنيو ته ڊي جي صحت آفيس ۾ ويٺل ڪامورن جي آشيرواڌ سان 39 مارڪون حاصل ڪندڙ هڪ اميدوار کي به نوڪري ڏني وئي آهي جنهن جا وٽن ثبوت پڻ موجود آهن. ان کان علاوه 23 کان 39 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي به رشوت عيوض آفر آرڊر ڏنا پيا وڃن پر 70 کان 80 مارڪون حاصل ڪندڙ ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته صحت کاتي سنڌ ۾ ويٺل بيوروڪريٽس ويڪسينيٽرز جي ڀرتين ۾ ڪرپشن جي نئين مثال قائم ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ساڻن انصاف نه ٿيو ته هو ڪراچي ۾ ٻيهر ڌرڻو هڻندا.