حيدرآباد: ڄامشورو جي شورا ڳوٺ ڀرسان دستي بم هٿ

0
315

حيدرآباد(ن پ ا)  ڄامشورو جي شورا ڳوٺ ڀرسان دستي بم هٿ آيو آهي، گشت ڪندڙ پوليس بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي اطلاع ڏنو، ٽيم پهچي هينڊگرنيڊ کي ناڪارهه بڻائي ڇڏيو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رات دير سان هينڊ گرنيڊ هٿ آيو جيڪو ناڪارهه بڻائي نسيم نگر پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب واقعي جو ڪيس ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دستي بم جتان هٿ آيو آهي اهو علائقو ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو