حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسپتال ۾ آپريشن دوران 23 سالن جي نوجوان ڇوڪري فوت، وارثن پاران موت جو ڪارڻ ڊاڪٽرن جي غفلت قرار، اسپتال ۾ احتجاج، ڀڃ ڊاهه، پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، ڊي جي هيلٿ ۽ ڊي ايڇ او حيدرآباد پاران واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم. تفصيل موجب 23 سالن جي نوجوان ڇوڪري نورالعين کي ڇاتيءَ ۾ ڳوڙهي هئي جنهن جي آپريشن لاءِ ڀٽائي اسپتال داخل ٿي جنهن جو ڊاڪٽر آپريشن ڪيو ته آپريشن بعد هو فوت ٿي وئي جنهن تي وارثن جو چوڻ هو ته اسين ننڍڙي آپريشن لاءِ ٺيڪ ٺاڪ نياڻي کي اسپتال وٺي آياسين. ڊاڪٽرن پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب ٿيل ري ايڪشن جي نتيجي ۾ اسان جي نوجوان نياڻي فوت ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اسپتال جي ايم ايس پريل جوکيو جو چوڻ هو ته ڇوڪري جي ڇاتيءَ جو آپريشن هو جيڪو پوري پراسسز کانپوءِ شروع ٿيو. ڇوڪري جي موت جو سبب فوري طور تي ٻڌائي نٿا سگهون. صاف شفاف جاچ ٿيندي جنهن خلاف به غفلت ثابت ٿي ان خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر لالا جعفر ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي بعد اسپتال ۾ ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ ڊي جي هيلٿ ۽ مون تعلقه اسپتال قاسم آباد جي ايم ايس ڊاڪٽر نياز ٻٻر جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ اي ڊي ايڇ او عمير وهاب، عمران قريشي ۽ ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري رپورٽ هڪ هفتي اندر پيش ڪندا جنهن بعد ڪو به ڊاڪٽر ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.