حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان هوسڙي ۾ 11 سالن جي نينگر کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اڻڄاتل ماڻهن گهران پراسرار نموني گم ٿيل نينگر سفيان شاهه پٽ عامر شاهه جو ڳلو ڪپڻ بعد سندس لاش ڊي ايس پي هوسڙي جي آفيس پويان پوليس ڪوارٽرز سامهون رکيل ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪيو هو. علائقي واسين لاش ڏسي هوسڙي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ڊي ايس پي هوسڙي محمد ايوب پاٽولي تصديق ڪئي لاش سندس آفيس پويان ڪچري جي ڍير تان مليو. شروعاتي طور سڃاڻپ نه ٿي هئي پر بعد ۾ سول اسپتال پهچي نينگر جي وارثن سندس سڃاڻپ ڪئي جنهن بعد انهن پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش سندن حوالي جيڪي تدفين لاءِ پاڻ سان گڏ کڻائي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي وارثن کين شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته نينگر منجهند جو 4 وڳي گهران ٻاهر وڃڻ جو چئي نڪتو جنهن بعد هو واپس نه موٽيو ۽ سوشل ميڊيا تي رات جي وقت انهن ڳلو ڪپيل حالت ۾ تصويرون ڏٺيون، ان کانپوءِ هو سول اسپتال پهتا آهن. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگر جو ڳلو تيز ڌار آلاپ سان ڪپي کيس قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن نينگر سان امڪاني جنسي زيادتي واري خدشي کي نظر ۾ رکندي جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا آهن ته جيئن واضح ٿئي ته ڪٿي نينگر سان جنسي زيادتي ته ناهي ڪئي وئي. هوڏانهن پوليس واقعي واري هنڌان جيو فينسنگ ۽ ڪرائيم سين ٽيمن جي مدد سان شاهيون گڏ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.